جتوئي محمد ابراهيم

جتوئي محمد ابراهيم

جتوئي محمد ابراهيم

جتوئي، محمد ابراهيم: ناليوارو زميندار ۽ سياستدان محمد ابراهيم ولد حاجي اعتبار خان جتوئي، 8 سيپٽمبر 1947ع تي خانپور ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. هن 1968ع ڌاري گريجوئيشن ڪئي. سياسي حوالي سان پاڪستان مسلم ليگ سان وابسته رهيو. هن وقت هو نيشنل پيپلز پارٽي، صوبي سنڌ جو صدر آهي. پاڻ تر جو مشهور زميندار ۽ راڄ جو چڱو مڙس آهي. ڪيترائي ملڪ گهمي چڪو آهي. 2002ع واري چونڊن ۾ اين. اي- 202، شڪارپور- I تان ڪامياب ٿي قومي اسيبمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. پرڏيهي معاملن، ماليات، دفاع ۽ قانون وارن شعبن سان دلچسپي رهي اٿس. پاڻ صوبائي صحت کاتي سنڌ جو وزير به رهي چڪو آهي. ان کانسواءِ قومي اسيمبليءَ جي ثقافت، راندين ۽ نوجوانن بابت قائم ڪميشن جو ميمبر به رهيو آهي. سنڌ ۾ فيصلن جي حوالي سان به مشهور آهي. سندس ڀاءُ عابد جتوئي صوبائي اسيمبليءَ سنڌ جو ميمبر آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.09.08  عيسوي

اعتبار خان جتوئي ، 8 سيپٽمبر 1947ع تي خانپور ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

درازي سخي قبول محمد چوٿون
سڀاش چندر بوس
چاڪر خان رند
گل بيگ ٽنگڙي
راڻي لاڏي
پير محمد اسماعيل جان سرهندي
پنا لال بي ڪشوراڻي
ٽنڊولڪر سچن
سيٺ ڌريانو مل
سيد قادر ڏنو شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون